October 4, 2023

مٽياري ڀرسان ڳوٺ نور خان وگهيو ۾ ڪيلي جي فصل مان عورت جو لاش هٿ

مٽياري (ڊ ر) مٽياري جي ڀرسان ڳوٺ نور خان وگهيو ۾ ڪيلي جي فصل مان نوجوان عورت جو لاش هٿ آيو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مٽياري جي سرڪاري اسپتال پهچايو. مٽياري پوليس موجب فوتي عورت جي سڃاڻپ 22 ورهين جي غزالا ڌيءَ غلام رسول سولنگي جي نالي سان ٿي آهي ۽ هوءَ مٽياري ڀرسان ڳوٺ الهڏنو ساند جي رهواسي هئي. پوليس لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. پوليس موجب شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ عورت جو موت گلو ڊٻجڻ سبب ٿيو آهي، جڏهن ته حتمي رپورٽ اچڻ بعد موت جو ڪارڻ معلوم ٿيندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube