پريالوء شھر ۾ حدد خلين جو آزار،انتظاميا اگهور ننڊ ستل ،شهري پريشان

پريالوء (رپورٽ: انور ناريجو ) پريالوء شھر ۾ حددخلين جو آزار وڌي ويو آهي شھر جي مين بازار سميت مختلف چونڪن ۽ چوراھن تي فروٽ ۽ سبزيء جا ريڙھا ۽ سندل رکي فروٽ ۽ سبزي وڪرو ڪرڻ جي ڪري گهٽيون سوڙهيون ٿي ويون آهن جڏهن ته اڪثر دڪاندار پڻ سامان ٻاهر ڪڍي رکڻ سبب روڊ رستا سوڙها ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري بازارن ۽ مين گهٽي مان گذرندڙ شهرين، عام مسافرن توڙي علاج لاءِ ايندڙ ويندڙ مريضن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته انھي سلسلي غلام اصغر ملڪ ، ارسلان اوڍو، شبير، محمد پٺاڻ ۽ ٻين شهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي پريالوء انتظاميا جا عملدار ھر ريڙھي، سندل واري ۽ دڪاندارن کان ٽيڪس جي نالي تي ھر مھيني لکين رپين جي منٿلي وٺڻ ڪري خاموشي اختيار ڪئي آهي هنن وڌيڪ چيو ته پريالوء جي ٽائون انتظاميا جي شهرين سان تمام گهڻي ناجائزي آهي پر ان جي باوجود انهن کان ڪو به پڇڻ وارو ناهي ھنن چيو ته پريالوء شھر جا روڊ رستا حددخلين سبب سوڙها ٿي ويا آهن جنهن ڪري حادثن جو پڻ سبب بڻجي ٿو جڏهن ته عام مسافرن مريضن ۽ اسڪول ويندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي هنن چيو ته اسان ٽائون ڪميٽي انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون آهن پر ٽائون انتظاميا ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏين ٿا ان موقعي تي ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي پريالوء شهر مان حددخلين جو آزار ختم ڪري شهرين ۾ پکڙيل بي چئني ختم ڪئي وڃي