October 4, 2023

چوٽياريون ويجهو ٽنڊو مٺاخان ۽ ڀر پاسي ۾ چوپائي مال ۾ بيماريون پکڙجي ويون

چوٽياريون(رپورٽ:واحدبخش شر) چوٽياريون ويجهو ٽنڊو مٺاخان ۽ ڀر پاسي ۾ چوپائي مال ۾ بيماريون پکڙجي ويون جنهن ۾ چوپايو مال وڪوڙجي ويو ,چوپايو مال بيماري ۾ مرڻ سبب مالوند ماڻھن کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آھي

،ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا ,هوڏانهن وٽرنري کاتي جو عملو ۽ ڊاڪٽر غائب آھن ,علائقن ۾ تيزي سان پکڙندڙ بيماري باوجود چوپائي مال کي بيماري کان بچاء جي ويڪسين توڙي علاج ڪرڻ لاء نه پهتا آھن,

ٽنڊو مٺاخان ويجھو مھير ڀٽ جي ڳوٺ عبدالحڪيم ڪيريو ۾ الھ ورايو ڪيريو جون ڀلي نسل جون ٽي ميھون مري ويون هن جي چوڻ موجب ٽنڊو مٺا خان ۾ ڊاڪٽر لاء ويا سون پر ڊاڪٽر نه هئڻ سبب علاج نه ٿي سگهيو

 اسان جون ميھون مري ويون غلام رسول ڪيريو گل محمد ڪيريون چنيسر ڪيريو ھاشم ڪيريو ۽ ٻين سنڌحڪومت ڊي سي سانگھڙ کان مطالبو ڪيو آھي ته ٽنڊي مٺا خان آس پاس ۾ چوپائي مال جو ڊاڪٽر مقرر ڪري اسان جو چوپايو مال بچايو وڃي.

Follow by Email
YouTube
YouTube