ڊگري ڪاليج گهوٽڪي ۾ ووٽرن جي قومي ڏينهن جي حوالي سان پر وقار تقريب

گهوٽڪي (رپورٽ: اعجاز علي شيخ )گهوٽڪي ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن جي طرفان ڊگري ڪاليج گهوٽڪي ۾ 7 ڊسمبر ووٽرن جي قومي ڏينهن جي حوالي سان پر وقار تقريب ٿي گذري جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن مرد توڙي عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن آفيسر محمد حنيف مهتم ۽ اليڪشن آفيسر عبدالماجدصاحب ؛ گهوٽڪي جو اڳوڻو چيئرمين سيد اصغر شاه ؛ ايگريڪلچرل آفيسر الاهي بخش چاچڙ ؛تعلقا ايجوڪيشن سيڪينڊري آفيسر نور محمد انڍھڙ تعلقا ايجوڪيشن آفيسر پرائمري محمد يوسف ڌؤنڌو تعلقا تعليمي آفيسر الهوڌائيو صاحب مزدور تنظيم جو نصير احمد ۽ صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت جنهن ۾ سينيئر صحافي ظفر صديقي ؛ سينيئر صحافي آزاد مهر؛ يونس ڀٽو ؛نديم ڀٽي ۽ شاهد چنو ۽ مظھر صديقي ؛ اعجاز علي شيخ؛ عبدالجبار مهر؛ عبدالقادر منگي ؛ يوسف منگي سميت ڪيترن ئي شرڪت ڪئي مقررن جو چوڻ هو ت وڌ کان وڌ ووٽ داخل ڪرائيو عورتن ۽ نوجوانن کي ووٽ جي اهميت جي خبر هئڻ گهرجي ت ووٽ توهان جو ڪيترو قيمتي آهي آخر ۾ جاڳرتا ريلي پڻ ڪڍي وئي جنهن ۾ مردن توڙي عورتن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ٠